ڏونگر سي مهراج

ڏونگر سي مهراج: ڏنگر سي مهراج، صوفي شاهه عنايت شهيد جي وڏن خليفن مان هڪ مشهور خليفو هو. ڊاڪٽر محمد علي مانجھي ’شاهه عنايت ۽ ان جي سلسلي جا شاعر‘ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: “هڪ هندو فقير ڏونگر سي مهراج پڻ شاهه عنايت جي وڏن خليفن مان هو. هي ٿرپارڪر جي طرف چڱو ساڌ سنگت وارو ساڌو ٿي گذريو آهي. صوفي شاهه عنايت شهيد جي صوفياڻي تحريڪ دوران نه رڳو ميرانپور، پر سڄيءَ سنڌ کان ڪيترائي انبوهه ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. هڪ ڏينهن انبوهه ماڻهو اچي شاهه شهيد وٽ پهتا، پر شاهه شهيد جي طبيعت خراب هئي، انهيءَ ڪري شاهه شهيد پنهنجن وڏن خليفن مان هڪ خليفي فقير ڏونگر سي مهراج کي حڪم ڏنو ته آيل طالبن کي درس ڏئي فيضياب ڪيو وڃي. هن واقعي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته شاهه شهيد وٽ مذهب جو ويڇو نه هو، اهو ئي سبب آهي، جو طالبن کي هدايت جو هٿ ڏيڻ لاءِ هڪ هندو خليفي ڏونگر سي مهراج کي حڪم ڪيائين. ظاهر آهي ته طالبن ۾ مسلمان به ضرور هوندا. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي خاص ملازم شاهو خان جي پٽ روحل فقير ٽي پڻ شاهه شهيد جي شهادت جي واقعي جو گھرو اثر هو، آخرڪار ڪلهوڙن جي ملازمت ڇڏي ميرانپور ۾ اچي جھوڪ جي درگاهه جي سجاده نشين صوفي عزت الله جي حلقي ۾ شامل ٿيو. هڪ روايت مطابق فقير ڏونگر سي مهراج وٽان روحل فقير به فيض پرايو هو.


لفظ ڏونگر سي مهراجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو